| آءِ ايس آءِ جا آفيسر ايف اي ٽي ايف بل بابت پنهنجي راءِ ڏئي رهيا هئا: اسد قيصر جو خواجا آصف کي جواب |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خواجه آصف جي بيان تي تحريڪ انصاف جو رد عمل سامهون اچي ويو. اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته خواجه آصف چيو منهنجي گهر ۾ آءِ ايس آءِ جي سان ميٽنگ ٿينديون هيون، هڪ ته اهو گهر اسد قيصر جو نه پر اسپيڪر قومي اسيمبليءَ جو هو. مان ته ايف اي ٽي ايف بل متعلق حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ سهولتڪاري ڪندو هئس، آءِ ايس آءِ جا آفيسر اينٽي مني لانڊرنگ ۽ ايف اي ٽي ايف متعلق بلز تي پنهنجو ان پٽ ڏئي رهيا هئا. خواجه آصف چيو ته اِن جي ضمير تي بار آهي خواجه آصف ٻڌائي ته 8 فيبروري 2024 جو اليڪشن ڇا اِن جي ضمير تي بار ناهي. ڇا هن ريحانه ڊار کان نه هارايو هو، جيڪڏهن اِن جي ضمير تي بار آهي ته چوري ڪيل سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ٻيهر ريحانه ڊار سان اليڪشن وڙهي. بيرسٽر گوهر وزير دفاع خواجه آصف جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ضمير تي ايترو بار هو ته پوءِ 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن بابت ڇو خاموش رهيا. چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جا ڪيترائي چونڊيل نمائندا نااهل قرار ڏئي ٻين کي آندو ويو، عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن کي به استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته ريحانه ڊار سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ٿيل مبينا ناانصافين تي به حڪومت کي جواب ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن واقعي ضمير جو بار هلڪو ڪرڻو آهي ته استعيفيٰ ڏئي ٻيهر چونڊ وڙهي عوام جو فيصلو قبول ڪيو وڃي.