| آءِ ايس پي آر ۾ ڀرتي لاءِ چٽا ڀيٽي نتيجو جاري نه ڪرڻ تي نوٽيس |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد پاران آئي ايس پي آر ۾ 2024ع کان ايڊيٽر بي پي ايس 18 جي خالي پيل سيٽ تي وفاقي ڪميشن پاران نتيجو پڌرو نه ڪرڻ خلاف اميدوار پاران درخواست داخل ٻڌڻي دوران عدالت پاران فيڊريشن آف پاڪستان، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن، منسٽري آف ڊفينس اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪندي ھڪ ھفتي اندر جواب طلب ڪري ورتو آھي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ جسٽس رياضت علي ساھڙ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ۾ درخواستگذار سيد غلام مصطفيٰ شاھه پنھجي وڪيل ايڊووڪيٽ غلام رسول ملاح ۽ ايڊووڪيٽ عبدالعزيز لاشاري معرفت داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن پاران 2023ع ۾ جاري ڪيل اشتهار مطابق سنڌ رورل ڪوٽا تحت ايڊيٽر جي خالي سيٽ لاءِ فارم جمع ڪرايو، ڪميشن پاران لکت جي امتحان ۾ مجموعي طور تي ٻه شاگرد ڪامياب قرار ڏنا ويا، جنهن مان هڪ اميدوار کي تجربو نه هئڻ جي ڪري انٽرويو لاءِ شارٽ لسٽ نه ڪيو ويو. جڏهن ته ٻئي اميدوار کان ڊسمبر 2024ع ۾ انٽرويو ورتو ويو. اميدوار انٽرويو نتيجن جو انتظار ڪري رهيو هو ته جولائي 2025ع ۾ ساڳي پوسٽ لاءِ ٻيهر اشتهار جاري ڪيو ويو. ان پوسٽ لاءِ مسلسل ڇوٿون ڀيرو اشتهار جاري ڪيو ويو آهي مگر ڪا به ڀرتي نٿي ڪئي وڃي ڪميشن سان مسلسل رابطو ڪري نتيجي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪميشن نتيجو ظاهر نه ڪيو ڪامياب ٿيڻ يا ناڪام ٿيڻ امتحان جو حصو آهي پر نتيجو ظاهر نه ڪرڻ سراسر نا انصافي آهي جيڪو ڪميشن جي ساک تي به سواليه نشان آهي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيڊريشن آف پاڪستان، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن، منسٽري آف ڊفينس اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪندي ھڪ ھفتي اندر جواب طلب ڪري ورتو آھي.