آءِ ايم ايف ادارن جي نقصانن بابت حڪومتي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، تازا انگ اکر طلب

نومبر 7, 2023

اسلام آباد(م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ادارن جي نقصانن بابت حڪومتي انگن اکرن واري رپورٽ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ءِ ايم ايف حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نقصانن جي تازي رپورٽ گھري ورتي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن ناڻي واري وزارت کان هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي تائين حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نقصانن جي رپورٽ گھري آهي. آءِ ايم ايف حڪومتي عملدارن وري آءِ ايم ايف کان ڊسمبر 2023ع تائين رپورٽ ڏيڻ لاءِ وقت گھريو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ءِ ايم ايف مشن سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ ٽيم کي پنهنجي پهرين جائزه رپورٽ ڏيڻ جو چيو آهي، جنهن تي عملدارن حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نون انگن اکرن جي جاچ پڙتال شروع ڪري ڏني آهي. ذريعن موجب پاڪستاني عملدارن پاران آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جا نوان انگ اکر جلد مڪمل ڪيا ويندا.

Leave A Comment