| آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس اڄ طلب: پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر قسط منظور ٿيڻ جو امڪان |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڄ آءِ ايم ايف کان قرض پروگرام تحت پاڪستان لاءِ ايندڙ قسط منظور ٿيڻ جو امڪان۔ قرض منظوري لاءِ آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس اڄ 8 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي۔ ذريعن مطابق ايگزيڪيوٽو بورڊ کان پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم جي منظوري جو امڪان آهي، پاڪستان کي 7 ارب ڊالر جي اي ايف ايف ۽ 1.4 ارب ڊالر جي آر ايس ايف تحت قسط ملڻ جو امڪان آهي، پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالر اي ايف ايف پروگرام جي ٽئين جائزه رپورٽ ڪامياب ٿي چڪي آهي، پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالر ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسليٽي پروگرام جي چوٿين قسط طور 1 ارب ڊالر ملڻ جو قوي امڪان آهي، آر ايس ايف جي ٻئي جائزي بعد 21 ڪروڙ ڊالر اضافي ملندا، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 27 مارچ تي اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿيو هو۔ جيڪڏهن ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر منظور ڪري ٿو ته اها رقم جلد وصول ٿي ويندي. آءِ ايم ايف 1.2 ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي اڪائونٽ نمبر ون ۾ منتقل ڪندو. ٻئي طرف ناڻي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ قسط جي منظوري ۾ ڪنهن به رڪاوٽ جو امڪان ناهي، آءِ ايم ايف جي مينيجمينٽ به منظوري ڏئي چڪي هئي. بجلي مهانگي ڪرڻ، سبسڊي ختم ڪرڻ يا جاري رکڻ جو فيصلو وزيراعظم ۽ وزير توانائي کي ڪرڻو آهي.