آءِ ايم ايف بجلي بلن تي سبسڊي روڪي ڇڏي، 3 نوان شرط، قرض پروگرام منظوري کي خطرو
سيپٽمبر 4, 2024
اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف بجلي جي بلن تي سبسڊي ڏيڻ تي اتفاق نه ڪيو، آءِ ايم ايف حڪومت کي سبسڊي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارتجي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو موقف آهي ته مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون بجلي جي بلن تي سبسڊي ڏيڻ جو اختيار نٿيون رکن جڏهن ته آءِ ايم پنجاب طرفان بجلي جي بلن تي ڏنل سبسڊي تي پڻ اعتراض ڪيو آهي. ذريعن چيو آهي ته آءِ ايم ايف موجب بجلي جي بلن تي سبسڊي سان قرض پروگرام جي منظوري خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سيپٽمبر تائين سبسڊي واپس وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته انهي سلسلي ۾ ناڻي واري وزارت خط لکي صوبائي حڪومتن کي بجلي جي بلن تي سبسڊي نه ڏيڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف موجب ترقياتي پروگرام جي لاءِ رکيل فنڊز کي بجلي جي بلن تي سبسڊي جي لاءِ مقرر نٿو ڪري سگهجي. ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ڪنهن به قسم جي بنا ٽارگيٽ سبسڊي ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ اهڙو ڪوبه فيصلو نه ڪيو وڃي جنهن سان معاهدي کي ڪو خطرو پيش اچي. ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي ۾ صوبن به يقين ڏياريو هو ته صوبا به انهي معاهدي تي عمل ڪندا ته جيئن آءِ ايم ايف پروگرام منظور ٿي سگهي. ٻئي طرف نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي تي اعتراض نه آهي، بي آءِ ايس پي جي ذريعي مستحق طبقي کي سبسڊي ڏئي سگهجي ٿي.