آءِ ايم ايف بجلي سستي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي: ريئل اسٽيٽ لاءِ به رليف ڏيڻ تي راضي

مارچ 28, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف بجلي ٽيرف ۾ هڪ رپيو في يونٽ گهٽتائي جي اجازت ڏئي ڇڏي، حڪومت پاران بجلي واهپيدارن لاءِ رليف پيڪيج تي ڪم جاري آهي، آءِ ايم ايف جي منظوري سان پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف چيو آهي ته ڪيپٽِوَ پاور پلانٽس تي ليوي کان حاصل روينيو سان واهپيدارن کي بجلي جي اگهن ۾ رليف ملندو، ذريعن موجب بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو في يونٽ لاٿ سان واهپيدارن تان مجموعي طور 100 ارب رپين جو بار گهٽجي ويندو، جيڪي واهپيدارن 500 سئو يونٽس بجلي استعمال ڪندا آهن، اُنهن جي بل ۾ 500 رپيا گهٽ ٿيندا. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پراپرٽي خريداري ۽ وڪري تي هڪ حد تائين رليف ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪئي ويندي، ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس برقرار رهندي، پراپرٽي وڪرو ڪندڙن تي ٽيڪس جي موجوده شرح برقرار رهندي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد جلد پاڪستان ايندو، نئين بجيٽ تي مشاورت ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف مشاورت بعد بجيٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، جون جي پهرين هفتي ۾ بجيٽ ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ مئي جي آخر تائين قرض جي قسط جي منظوري ملڻ جو امڪان آهي، پاڪستان بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف جا شرط پورا نه ڪيا ته ايندڙ قسط نه ملندي، بجيٽ جا تفصيل طئي ڪرڻ بعد آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس گهرايو ويندو .

 

Leave A Comment