| آءِ ايم ايف جا سخت شرط: مهانگا ڊاڪٽر ۽ بيوٽي پارلرز ايف بي آر جي ريڊار تي: آڊٽ ڪرڻ جو فيصلو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) ڊاڪٽرن، بيوٽي پارلرن ۽ پينٽ سيڪٽر جو آڊٽ شروع ڪري ڇڏيو. ايف بي آر، آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تحت مختلف شعبن جي آڊٽ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وڏن شهرن جا ڊاڪٽرز ۽ بيوٽي پارلرز ايف بي آر جي ريڊار تي اچي ويا آهن۔ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ وڏن ڊاڪٽرن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ ٽنهي وڏن شهرن جي 250 مهانگن ڊاڪٽرن جي آمدني جو آڊٽ ٿيندو. ايف بي آر جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏن شهرن ۾ مهانگن بيوٽي پارلرن کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، مهانگي ڪاسميٽڪس وڪرو ڪندڙن کي به ٽيڪس نيٽ جو حصو بڻايو ويندو۔ ان کان علاوه پينٽ انڊسٽري ۾ ٽيڪس چوري جي جاچ ڪئي ويندي، نجي ڪمپنيون به آڊٽ جي زد ۾ اينديون۔ ذريعن موجب مختلف شعبن جي آڊٽ لاءِ 600 نجي آڊيٽرز جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ 200 نجي آڊيٽرز کي ڀرتي ڪيو ويندو۔ ايف بي آر مجموعي طور 2 هزار نجي آڊيٽرز جون خدمتون حاصل ڪندو، جڏهن ته نجي آڊيٽرز ٽيڪس ڏيندڙن جي معلومات خفيه رکڻ جا پابند هوندا.