| آءِ ايم ايف جا سمورا شرط پورا، مئي ۾ 1.2 ارب ڊالر ملڻ جو امڪان |
اسلام آباد (م ڊ) بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس مئي جي پهرين هفتي ۾ ٿيندو. پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر منظور ڪرڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف کي دوست ملڪن کان قرض جي رول اوور جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن چيو ته 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام جي ايندڙ قسط حاصل ڪرڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي. موسمياتي فنانسنگ لاءِ آر ايس ايف پروگرام جي 210 ملين ڊالر جي ايندڙ قسط پڻ ملي ويندي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن موجب، پاڪستان آءِ ايم ايف جا سڀئي شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، پيٽروليم تي ٽارگيٽڊ سبسڊي بابت آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ ورتو ويو، عالمي تيل جي قيمتن ۾ واڌ کي صارفين تائين پهچائڻ کان اڳ فنڊ سان صلاح ڪئي وئي، ٽارگيٽڊ سبسڊي جي رقم موجوده مالي سال جي بجيٽ مان خرچ ڪئي ويندي. مشڪل حالتن لاءِ 300 ارب ڊالر جا ايمرجنسي فنڊ پڻ موجود آهن.