پيٽرول سستو ڪرڻ بعد گئس 100 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

آڪٽوبر 16, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران سياري کان اڳ گئس جي اگهن ۾ اضافو ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي

 ناڻي وزارت جي ذريعن مطابق هلندڙ مالي سال دوران گئس سيڪٽر جي گردشي قرضي ۾ 46 ارب روپين جي اضافي جو خدشو آهي

گردشي قرضي ۾ اضافي سبب عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي

ذريعن مطابق جولاءِ کان سيپٽمبر تائين گئس ڪمپنين کي نقصان جي مد ۾ 46 ارب رپين جو اضافو ٿي چڪو آهي ۽ گئس سيڪٽر جو گردشي قرض 2700 ارب تائين پهچي چڪو آهي

ذريعن مطابق اقتصادي جائزي کان اڳ گئس جي قيمت 100 سيڪڙو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

حڪومتي ذريعن مطابق سوئي گئس جي قيمت نه وڌائڻ سان 185 ارب رپيا ۽ گهريلو صارفين لاءِ  ايل اين جي جي قيمت نه وڌائڻ سان 21 ارب رپين جو شارٽ فال ٿيندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس جي قيمتن ۾ اضافي جي پيش نظر اقتصادي رابطا ڪاميٽي (اي سي سي) لاءِ سمري تيار ڪئي وئي آهي جيڪا ايندڙ اي سي سي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي

Leave A Comment