آءِ ايم ايف جو شرط: حڪومت زرعي جنسن جي قيمت مقرر نه ڪندي: آبادگارن کي نقصان جو خدشو
مارچ 22, 2025
اسلام آباد: قومي اسيمبلي کي فوڊ سيڪيورٽي جي وزارت لکت ۾ تصديق ڪندي ٻڌايو آھي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي سبب وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومتون مستقبل ۾نه ڪنهن به زرعي جنس جي امدادي قميت مقرر ڪرڻ جو اعلان نه ڪري سگهنديون، وزارت جي اهڙي انڪشاف سان ڪڻڪ، ڪپھه سوڌو مختلف فصلن جا آبادگار مڪمل طور تي مڊل مينن جي رحم ڪرم تي اچڻ سبب هڪ وڏي بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، انهي وزارت قومي اسيمبلي کي اهو به ٻڌايو آھي ته شماريات بيورو مطابق ملڪ ۾ 16.4 سيڪڙو گهراڻا غذائي عدم تحفظ جو شڪار آھن جواب ۾ اهو به ٻڌايو ويو آھي ته پاڪستان مردن ۾ خوراڪ جي گهٽتائي يعني اسٽنٽنگ 40.9 سيڪڙو عورتن ۾ 39.4 سيڪڙو آھي.