| آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط پورو: حڪومت پاران ڪڻڪ خريداري نجي ڪمپني کي ڏيڻ جو فيصلو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي شرط پوري ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جي خريداري جي عمل مان ٻاهر نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ذريعن مطابق وفاق ۽ صوبا صرف ڪڻڪ جو ايمرجنسي اسٽاڪ ئي پاڻ وٽ رکندا. وفاقي ۽ صوبا سال لاءِ 62 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ئي ذخيرو ڪندا۔ اسٽريٽجڪ اسٽاڪ جي خريداري به وفاق بجاءِ نجي ڪمپني ڪندي۔ ذريعن مطابق وفاق 15 لک، پنجاب 25 لک، سنڌ 10 لک، خيبرپختونخوا ساڍا لک ۽ بلوچستان 5 لک ميٽرڪ ٽن گندم ذخيرو ڪري سگهندا. جڏهن ته وفاق ۽ صوبن لاءِ ڪڻڪ نجي ڪمپني خريد ڪندي۔ صنعت ۽ پئداوار واري وزارت جي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته فنانسنگ ۽ ڪڻڪ رکڻ جي ذميوار به ڪمپني هوندي، وفاق صرف سروسز چارج ادا ڪندو۔ حڪومت کي ساليانو 570 ارب رپيا بچت جو تخمينو آهي۔ ذريعن مطابق غذائي تحفظ واري وزارت سروسز چارج لاءِ 30 ارب رپيا مختص ڪري چڪي آهي۔ ڪڻڪ جي سپورٽ قيمت تي سبسڊي نه هوندي، قيمت عالمي مارڪيٽ مطابق طئي ٿيندي۔ غذائي تحفظ واري وزارت عالمي بينچ مارڪ کي نظر ۾ رکندي قيمت جو تعين ڪندي۔ آءِ ايم ايف وفاقي حڪومت کي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ کان به روڪيو آهي. اڳ وفاق ڪڻڪ جي خريداري لاءِ بينڪ گارنٽي ڏيندو هو، پاسڪو خريداري ڪندي هئي، پاسڪو کي بروقت ادائيگي نه ٿيڻ سبب فوڊ سيڪٽر جو گردشي قرض 270 ارب رپيا ٿي چڪو آهي۔