| آءِ ايم ايف جي تجويز تي اين ايف سي مان صوبن جو حصو گهٽائڻ جي تياري: ڪميشن جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ:) وفاقي سرڪار آءِ ايم ايف جي تجويز تي اين ايف سي مان صوبن جو حصو گهٽائڻ جي تياري ڪري ورتي، پ پ پاران مخالفت جو اعلان، ڪميشن جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو. تفصيل موجب آءِ ايم ايف جي شرط تي عملدرآمد شروع ڪرڻ لاءِ تازو قائم ڪيل يارهين اين ايف سي ڪميشن جو اجلاس اڄ 4 ڊسمبر تي ٿيندو، اين ايف سي ڪميشن جي پهرين افتتاحي اجلاس ۾ ٽي نقاطي ايجنڊا تي غور ٿيندو، ايجنڊا موجب وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب يارهين قومي مالياتي ڪميشن جي چيئرمين جي حيثيت ۾ قومي مالياتي ڪميشن جي اڄ 4 ڊسمبر 2025ع تي طلب ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس پاڪ سيڪريٽريٽ جي ڪيو بلاڪ ۾ وفاقي ناڻي وزارت جي چوٿين منزل تي قائم ٿيل ڪانفرنس روم ۾ صبح 11 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ اين ايف سي ڪميشن جي ميمبر طور چئني صوبن جا ناڻي وزير شرڪت ڪندا اجلاس ۾ سنڌ مان ناڻي وزارت جي چارج هجڻ سبب سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير سهيل آفريدي شرڪت ڪندو جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان صوبن جا ناڻي وزير ۽ اين ايف سي ڪميشن ۾ هر صوبي مان مقرر هڪ هڪ ميمبر سنڌ مان اسد سيد، بلوچستان مان محفوظ علي خان، پنجاب مان محمود کوسه، ڪي پي ڪي مان مشرف رسول شرڪت ڪندا، ناڻي وزارت پاران قومي مالياتي ڪميشن جي اجلاس لاءِ تيار ڪيل ايجنڊا جي پنهنجي اخبار وٽ موجود ڪاپي مطابق قومي مالياتي ڪميشن جي پهرين اجلاس ۾ ٽه نقاطي ايجنڊا تي غور ٿيندو، ايجنڊا مطابق وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ لاءِ نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي ۽ مختلف شعبن جي ٽيڪس وصولين جي جائزي لاءِ سب گروپس قائم ڪرڻ جي منظوري تي غور ٿيندو، پهرين قومي مالياتي ڪميشن جي اجلاس ۾ وفاقي ناڻي وزارت وفاقي حڪومت جي مالياتي مامرن واري پوزيشن بابت تفصيل پيش ڪندي ائين سنڌ صوبي جي ناڻي وزير سوڌو چئني صوبن جا ناڻي وزير پنهنجي پنهنجي صوبن جي مالياتي صورتحال بابت تفصيل پيش ڪندا، ايجنڊا مطابق اجلاس ۾ قومي مالياتي ڪميشن جي ايندڙ اجلاسن جي تاريخن تي به غور ڪيو ويندو. واضح رهي ته آءِ ايم ايف پاران موجوده اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي جي تجويز ڏني وئي هئي ۽ 27 آئيني ترميم جي تياري وقت به آئين جي آرٽيڪل 160 ۾ موجود صوبن جي اين ايف سي ايوارڊ تحت طئه ٿيل حصي ۾ واڌ ته ٿي سگهي ٿي پر گهٽتائي نٿي ڪري سگهجي واري تحفظ کي ختم ڪرڻ جي وفاقي حڪومت تجويز تيار ڪئي هئي جنهن جي پيپلزپارٽي پاران تصديق ڪندي اهڙي ترميم جي مخالفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.