آءِ ايم ايف جي شرط تي بجيٽ حدفن ۾ تبديلي: ترقياتي بجيٽ ۾ 167 ارب جي ڪٽوتي

ڊسمبر 18, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت هلندڙ مالي سال جي بجيٽ حدف ۾ تبديلن بابت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪري ڇڏيو. ذريعن مطابق هلندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي جي تجويز تي اتفاق ٿي ويو آهي، هلندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ 167 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي، وفاقي ترقياتي بجيٽ 950 ارب رپين کان گهٽ ڪري 782 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. وياج جي شرح ۾ اضافي جي سبب ملڪ مٿان  قرضن  تي وياج جي ادائيگين جي رقم به وڌي وئي آهي. جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي آخر تائين مرڪزي بينڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جا  ذخيرا 9 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ايندڙ مالي سال دوران 6.34 ارب ڊالر جي قرضن جو رول اوور ڪرايو ويندو. وياج جي ادائيگين لاءِ مختص رقم 7303 ارب رپين کان وڌي 8627 ارب روپيا ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. وياج جي ادائگين سبب بجيٽ خسارو به وڌي ويو آهي. ذريعن مطابق هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. بجيٽ حدفن ۾ تبديلن متعلق حتمي منظوري آءِ ايم ايف بورڊ کان ورتي ويندي.

Leave A Comment