آءِ ايم ايف جي پروگرام ۽ شرطن مان نڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: مراد شاهه

جنوري 18, 2025

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاھه چيو آهي ته اسان سڀ گڏجي آءِ ايم ايف جي شرطن ۽ پروگرام مان نڪري سگھون ٿا. اسان کي مُلڪي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. لائيو اسٽاڪ ايڪسپو نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان کي ناڻي جي مٽا سٽا وڌائڻ لاءِ ايڪسپورٽ تي ڪم ڪرڻو پوندو،  زراعت ۽ ماهيگيري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ  سمورا وسيلا ڪُتب آندا پيا وڃن. هن چيو ته لائيو اسٽاڪ ايڪسپو سنڌ حڪومت جو بهترين قدم آهي، اسان کي فوڊ سيڪيورٽي ۽ ايڪسپورٽ کي وڌائڻ تي ڪم ڪرڻو پوندو ، مراد علي شاهه چيو ته لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ۾ تمام گھڻا موقعا آهن سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ۾ جدت آندي وڃي، هن چيو ته پهريان ٻاهر کان ويڪسين گھرائي ويندي هئي ۽ هاڻي ويڪسين به هتي ئي ٺاهي پئي وڃي، وڏي وزير  چيو ته لائيو اسٽاڪ قومي جي ڊي پي ۾ 14.0 سيڪڙو ۽ زراعت 61 سيڪڙو حصو شامل ڪري ٿو، هن چيو ته هارين لاءِ مال متاع نه رڳو آمدني پر لائيف لائين آهي. هاري هر روز نئين چيلينجز کي منهن ڏئي حق حلال جي روزي ڪمائين ٿا.

لائيو اسٽاڪ ايڪسپو شروع: ڀلوڙ نسل جا جانور نمائش لاءِ پيش

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ جانورن جي نمائش لاءِ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو شروع، ٽن ڏينهن واري لائيو اسٽاڪ ايڪسپو جو سنڌ جي وڏي وزير افتتاح ڪري ڇڏيو، نمائش ۾ مختلف نسلن جا ڀلوڙ جانور نمائش لاءِ بيهاريا ويا، مالوندن پاران جانورن لاءِ چارو ۽ سهوليتون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون ويون. لائيو اسٽاڪ کاتي پاران مالوندن کي سموريون سهوليتون ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته لائيو اسٽاڪ کاتي پاران ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ جانورن جي نمائش لاءِ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2025ع جو وڏي وزير سيد مراد علي شاھه افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ سرڪار پاران مالوندن کي سهوليتن ڏيڻ واري دعويٰ وائکي ٿي وئي آهي، نمائش ۾ مال کڻي پهتل مالوندن پاران شڪايتون ڪيون ويون ته لائيو اسٽاڪ کاتي پاران ڪا به سهوليت ناهي ملي، ڊاڪٽرن جي ونگار تي نمائش ۾ مال ڪاهي پهتا آهيون، مالوندن چيو ته لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ مال لاءِ چارو ناهي مليو، ڪا به سهوليت نه ڏني وئي آهي، هنن چيو ته اسان ڀاڙو ڪري پهتا آهيون، اڃا تائين ڀاڙو به نه ڏنو ويو آهي.

ڪراچي: لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 گابا مري ويا آهن. ان حوالي سان ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمرز ايسوسيئيشن جي صدر شاڪر گجر بيان جاري ڪندي چيو آهي ته لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ هڪ ڪروڙ رپين جي ماليت جا 2 گابا مري ويا آهن، هن چيو ته 13 ڪروڙ روپين جي رقم سان لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ بدانتظامي سبب هڪ مالوند جو قيمتي مال مري ويو آهي.

 

Leave A Comment