آءِ ايم ايف جي 15 تجويزن تي عمل ڪريون پيا، ڊجيٽل نظام سان ڪرپشن ختم ٿيندي: ناڻي وزير

آءِ ايم ايف جي 15 تجويزن تي عمل ڪريون پيا، ڊجيٽل نظام سان ڪرپشن ختم ٿيندي: ناڻي وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي هڪ ٽيڪنيڪل رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي جنهن تي اسان اڳ ۾ ڪم نه ڪري رهيا هجون. آءِ ايم ايف رپورٽ ۾ 15 تجويزون ڏنيون آهن ته سڌارن کي ڪهڙي نموني اڳتي وڌايو وڃي. سڌارن کي ڪيئن اڳتي وڌائڻو آهي، اِن تي اسان ايوان کي ٻڌائينداسين۔ آءِ ايم ايف طرفان گورننس اينڊ ڪرپشن ڊائگناسٽڪ اسيسمينٽ ان پاڪستان جي عنوان سان جاري ڪيل رپورٽ تي سينيٽ ۾ بحث دوران جواب ڏيندي ناڻي وزير محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف جي هڪ ٽيڪنيڪل رپورٽ آهي، ان رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه ناهي جنهن تي اسان ڪم نه ڪري رهيا هجون۔ آءِ ايم ايف 15 تجويزون ڏنيون آهن ته سڌارن کي ڪيئن اڳتي وڌائجي ۽ سڌارن جي حوالي سان اسان ايوان کي آگاهه ڪنداسين۔ هن چيو ته اهڙيون رپورٽون 20 ملڪن ۾ اچي چڪيون آهن ۽ 13 ملڪن پنهنجي مرضي سان اهڙي جائزي لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو، جن ۾ سوئيزلينڊ به شامل آهي۔ سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ڊجيٽل نظام شفاف هوندو آهي، جيتري انساني عمل داخل گهٽائينداسين اوتري ڪرپشن گهٽ ٿيندي۔ ٽيڪنيڪل وزارتن ۾ ماهر ماڻهن کي آڻڻ گھرجي۔