| آءِ ايم ايف سان ايندڙ بجيٽ لاءِ ٽيڪس پاليسي، بجيٽ سازي ۽ پبلڪ فنانس مينجمينٽ ۾ تبديلي تي اتفاق |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف سان ايندڙ بجيٽ لاءِ ٽيڪس پاليسي، بجيٽ سازي ۽ پبلڪ فنانس مينجمينٽ ۾ تبديلي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب حڪومت سان ڳالهين دوران بجيٽ ۾ اهم تبديليون ڪرڻ جون تجويزون ڏيڻ بعد آءِ ايم ايف ٽيڪينيڪل وفد واپس روانو ٿي ويو آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف وفد سان ايندڙ مالي سال لاءِ طئي ٿيل بجيٽ تجويزن تي ٽيڪنيڪل رپورٽ جنوري ۾ ناڻي وزارت کي اماڻي ويندي، ناڻي وزارت ايندڙ مهيني تائين آءِ ايم ايف کي بجيٽ تي عملدرآمد ۾ تبيلين لاءِ قطعي تجويزون تيار ڪري اماڻي ڇڏيندي . ذريعن موب پبلڪ فنانس مينجمنٽ ڊجيٽلائزڊ پلان جوڙڻ، ٽيڪس پاليسي، سمورين وزراتن سان مشاورت سميت 15 تجويزون غور هيٺ آهن. پي ايم ايف ڊجيٽائزڊ پلان جي نگراني لاءِ ڪميٽي جوڙڻ، بجيٽ تياري لاءِ مڪمل اي آفيس، اي پيڊز جو استعمال ڪرڻ، ڊيٽا مان تڪراري شيون ختم ڪرڻ، نئين ڊيٽا جي بنياد تي بجيٽ سازي واريون تجويزون به شامل ڪيون ويون آهن.