اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جون کان اڳ آءِ ايم ايف سان ساڍا 7 ارب ڊالرز جي قرض پروگرام جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته هول سيلرز، ريٽيلرز، ريئل اسٽيٽ ۽ زرعي آمدني کي ٽئڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، آءِ ايم ايف کان آخري قسط وٺڻ لاءِ سمورا هدف پورا ڪيا آهن
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿيو ته جائزه مشن 1.1 ارب ڊالرز قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪندو، آءِ ايم ايف کان ڊگهي مُدي وارو قرض پروگرام وٺڻ گهرون ٿا
محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪوٽا جي حساب سان وڏو پروگرام وٺڻ جي ڪوشش ڪندو، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ تسلسل رهندو ته معاشي نظم و ضبط به رهندو