لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف معاهدي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته معاهدو صرف چونڊن تائين ملڪ کي ڏيوالي کان روڪي سگهي ٿو، پر اُن سان معاشي چئلينجز گهٽ نه ٿيندا نئين حڪومت کي ايندي ئي آءِ ايم ايف سان وري ويهڻو پوندو
پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر جو قرض معاهدي تي ردعمل ڏيندي چيو ته آءِ ايم ايف سان 9 مهينن جو اسٽينڊ باءِ معاهدو سخت شرطن تي ڪيو ويو آهي، جنهن سان ملڪ کي عارضي فائدو ملي سگهي ٿو پر مستقل بنيادن تي ڪوبه رليف نه هوندو
سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم 14 مهينن ۾ معاملا ڪنٽرول نه ڪري سگهي، هاڻي عوام وڌيڪ مهانگائي جي صورت ۾ اُن جي قيمت ادا ڪندو