آءِ ايم ايف شرطن تي عمل: صوبن ۾ وسيلن جي ورڇ ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون: يارهون مالياتي ڪميشن اجلاس 4 ڊسمبر تي طلب

آءِ ايم ايف شرطن تي عمل: صوبن ۾ وسيلن جي ورڇ ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون: يارهون مالياتي ڪميشن اجلاس 4 ڊسمبر تي طلب

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) آءِ ايم ايف جي شرط تي عملدرآمد شروع ڪندي وفاقي حڪومت تازو قائم ڪيل يارهين اين ايف سي ڪميشن جو اجلاس 4 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو، اين ايف سي ڪميشن جي طلب ڪيل پهرين افتتاحي اجلاس جي ٽي نقاطي ايجنڊا جاري تفصيل موجب وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب يارهين قومي مالياتي ڪميشن جي چيئرمين جي حيثيت ۾ قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس 4 ڊسمبر 2025ع تي طلب ڪري ورتو آھي، طلب ڪيل قومي مالياتي ڪميشن جو هي پهريون افتتاحي اجلاس هوندو، جيڪو پاڪ سيڪريٽريٽ جي ڪيو بلاڪ ۾ وفاقي ناڻي وزارت جي چوٿين منزل تي قائم ٿيل ڪانفرنس روم ۾ 4 ڊسمبر واري ڏينهن صبح 11 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ اين ايف سي ڪميشن جي ميمبر طور چئني صوبن جي ناڻي وزيرن، ۽ اين ايف سي ڪميشن ۾ هر صوبي مان مقرر هڪ هڪ اين ايف سي جي نجي ميمبر سنڌ مان اسد سيد، بلوچستان مان محفوظ علي خان، پنجاب مان محمود کوسه، ڪي پي ڪي مان مشرف رسول کي شرڪت لاءِ اجلاس جي ايجنڊا اماڻي وئي آھي، ناڻي وزارت پاران قومي مالياتي ڪميشن جي اجلاس جي اين ايف سي ڪميشن جي ميمبرن کي اماڻيل ايجنڊا جي پنهنجي اخبار وٽ موجود ڪاپي مطابق قومي مالياتي ڪميشن جي پهرين اجلاس ۾ ٽه نقاطي ايجنڊا تي غور ٿيندو، ايجنڊا مطابق وفاق ۽ صوبن وچ ۾  وسيلن جي ورڇ لاءِ  نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي ۽ مختلف شعبن جي ٽيڪس وصولين جي جائزي لاءِ  سب گروپس قائم ڪرڻ جي منظوري تي غور ٿيندو , پهرين قومي مالياتي ڪميشن جي اجلاس ۾ وفاقي ناڻي وزارت وفاقي حڪومت جي مالياتي مامرن يعني فسڪل پوزيشن بابت تفصيل پيش ڪندي ائين سنڌ صوبي جي ناڻي وزير سوڌو چئني صوبن جا ناڻي وزير پنهنجي پنهنجي صوبن جي مالياتي صورتحال بابت تفصيل پيش ڪندا، ايجنڊا مطابق اجلاس ۾ قومي مالياتي ڪميشن جي ايندڙ اجلاسن جي تاريخن تي به غور ڪيو ويندو.  ياد رهي ته آءِ ايم ايف پاران موجوده  اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي جي تجويز ڏني هئي ۽ 27 آئيني ترميم جي تياري وقت به آئين جي  آرٽيڪل 160 ۾ موجود صوبن جي اين ايف سي ايوارڊ تحت طئه ٿيل حصي ۾ واڌ ته ٿي سگهي ٿي پر گهٽتائي نٿي ڪري سگهجي واري تحفظ کي ختم ڪرڻ جي وفاقي حڪومت تجويز تيار ڪئي هئي جنهن جي پيپلزپارٽي پاران تصديق ڪندي اهڙي ترميم جي مخالفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو. هوڏانهن صدر پاران يارنهين اين ايف سي ڪميشن جي قيام جي 22 آگسٽ 2025ع تي منظوري ڏني هئي جنهن بعد قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس 27 ۽ ان بعد 29 آگسٽ تي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هيو پر مختلف سببن ڪري مالياتي ڪميشن جو پهريون اجلاس نه ٿي سگهيو هيو ان بعد قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس 18 نومبر، ان بعد 3 ڊسمبر پر انهن تاريخن تي به قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس نه ٿي سگهيو هيو  ۽ هاڻي 4 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آھي.