آءِ ايم ايف شرط: وفاق ۽ صوبا 6 مهينن بعد پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن بابت رپورٽ ڏيڻ جا پابند

آءِ ايم ايف شرط: وفاق ۽ صوبا 6 مهينن بعد پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن بابت رپورٽ ڏيڻ جا پابند

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي مالي خطرن جي جائزي لاءِ نئون مانيٽرنگ فريم ورڪ متعارف ڪرايو ويو آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن سبب حڪومت تي مجموعي 472 ارب رپين جو مالي دٻاءٌ آهي. هاڻي سمورا صوبا ۽ وفاق هر ڇهن مهينن بعد پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن بابت رپورٽ پيش ڪندا. ناڻي وزارت مطابق پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن ۾ 368 ارب رپين جا هنگامي نوعيت جون بقايائون شامل آهن. ترقياتي منصوبن جي لاڳت وڌڻ سبب 150 ارب رپين کان وڌيڪ بقايائون شامل آهن. مجموعي بقايائن ۾ مالي گارنٽين جو حصو 104 ارب رپيا آهي. سڄي ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 36 منصوبن جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مالي خطرو آهي، جتي مجموعي رقم 335.6 ارب رپيا آهي. ناڻي وزارت مطابق وفاقي حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن مان 90.6 ارب رپين جو مالي دٻاءُ آهي. پنجاب جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن مان 26.5 ارب رپين جون ذميواريون شامل آهن. هي انگ اکر ڊسمبر 2025 تائين جي عارضي تخمينن تي ٻڌل آهن. ناڻي وزارت مطابق پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ معاهدن جا مالي خطرا فوري بجيٽ ۾ ظاهر ناهن ٿيندا. هاڻي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جا مالي خطرا ۽ قرض رپورٽن ۾ شامل ڪيا ويندا. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن ۾ گهٽ ۾ گهٽ آمدني جي گارنٽي ۽ وياج جي شرح به شامل هوندي آهي. ڊالر ريٽ ۽ لاڳت ۾ اضافو به وڏن خطرن ۾ شامل آهن. حڪومت مالي نقصان کان بچڻ لاءِ نئون نظام متعارف ڪرايو آهي.