آءِ ايم ايف مدو وڌڻ جي امڪان باوجود نگران حڪومت سان گڏ هلڻ لاءِ تيار

آگسٽ 11, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) نگران حڪومت جو مدو وڌڻ جي امڪان باوجود نگران حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاري ڇڏيو آهي

سرڪاري ذريعن موجب  آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، نگران حڪومت جو مدو وڌي سگهي ٿو ڇوجو آدمشماري جي منظوري کان پوءِ هاڻي اليڪشن ڪميشن کي تڪبنديون ڪرڻ لاءِ چار مهينا گھربل هوندا، جڏهن ته وڌيڪ ٻه مهينا چونڊ عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ گھربل آهن

ذريعن موجب اهو ته ممڪن ئي ناهي ته چونڊون 2023ع ۾ ٿين، ان ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته چونڊون 2024 جي پهرين ٽه ماهي ۾ جنوري ۽ مارچ جي وچ ڌاري ٿين

ذريعن جو چوڻ آهي ته  آءِ ايم ايف نگران حڪومت سان گڏجي مارچ يا اپريل 2024ع تائين پورو ٿيندڙ 3 ارب ڊالر جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ پروگرام لاءِ ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي

Leave A Comment