آءِ ايم ايف معاهدي بعد اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي: ڊالر 5 رپيا سستو

جُولاءِ 3, 2023

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) آءِ ايم ايف معاهدي بعد پهرين ڪاروباري ڏينهن تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي اچي وئي جنهن سبب  واپاري ٻهڪي پيا

عالمي مالياتي فنڊ ۽ پاڪستان وچ۾ ٿيل 3 ارب ڊالر قرض واري معاهدي بعد اڄ پهريون ڪاروباري ڏينهن آهي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيروڪاروبار جي 2230 پوائنٽس واڌ سان شروعات ٿي

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيسڪس به هڪ ئي ڌڪ سان 5.3 سيڪڙو مٿي هليو ويو  جنهن سبب ڪاروبار هڪ ڪلاڪ لاءِ روڪيو ويو

ڪاروبار شروع ٿيندي ئي هنڊريڊ انڊيڪس 43 هزار واري سطح  کان مٿي چڙهي ويو ۽ انڊيڪس 2068 پوائنٽس جي واڌ سان 43521 تائين وڃي پهتو

هڪ ڪلاڪ بعد پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ٻيهر شروع ٿيو ته هنڊريڊ انڊيڪس 5.62 سيڪڙو واڌ سان 43783 تائين هليو ويو

ٻئي طرف ڊالر پڻ 5 رپيا سستو ٿي ويو  اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 5 رپيا سستو ٿيڻ بعد 285 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو هو عيد کان اڳ آخري ڪاروباري ڏهاڙي تي ڊالر 290 رپيا وڪرو ٿيو هو

Leave A Comment