آءِ ايم ايف معاهدي بعد بجلي 4 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جون تياريون

جُولاءِ 1, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) آءِ ايم ايف سان معاهدي بعد بجلي ۽ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جون تياريون تيز ٿي ويون آهن،بجلي جي بُنيادي اگهه ۾ اٽڪل 4 روپيا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي

ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي ۽ گئس جا اگهه ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس کان اڳ وڌائڻا هوندا، بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس مهانگي ڪرڻ بابت پڻ جلد فيصلي جا امڪان آهن جڏهن ته حڪومت پاران پيٽروليم ليوي ۾ به واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي

Leave A Comment