آءِ ايم ايف وفد جي چيف جسٽس سان ملاقات ملڪي خودمختياري جي خلاف آهي: سينيٽرز
فيبروري 14, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ جي يو آءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته پاڪستان ڪرپشن ۾ ٻه درجه ترقي ڪري ويو آهي. آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان آيل آهي. آءِ ايم ايف جي وفد چيف جسٽس آف پاڪستان سان به ملاقات ڪئي آهي. پنهنجا ايگزيڪيٽوَ به ائين ملاقات ناهن ڪندا. چيف جسٽس سان مالياتي اداري جي سربراهه جي ملاقات ملڪي خودمختياري جي خلاف آهي. بلوچستان ۾ شاهراهه ڪيترن ئي ڏينهن تائين بند رهنديون آهن پر حڪمرانن کي ڪا پرواهه ناهي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو ته اسان پنهنجي ملڪ متعلق سوچيندا هئاسين ته آزاد ٿي ويا آهيون. 1971ع ۾ جنهن جماعت کي عوام مينڍيٽ ڏنو اُن کي حڪومت نه ڏني وئي. اولهه پاڪستان جي ڪجهه جماعتن ان ۾ سهولتڪاري ڪئي جيڪي ايوان ۾ موجود آهن. اسان جو ملڪ ٽٽي ويو. اسان ايڏي وڏي غلطي باوجود صاف اليڪشن نه ڪرائي. چونڊيل حڪومت کي عدم اعتماد سان ڪيرايو ويو. ملڪ ڪڏهن به صاف شفاف اليڪشن ناهي ڪرائي سگهيو. شبلي فراز چيو ته اسان کي ڪٿي به جلسو ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني ويندي. 8 فيبروري تي پنجاب ۾ جلسي جي درخواست ڏني وئي. پي ٽي آءِ ڪنهن کان ناهي ڊڄندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر محسن عزيز ڳالهائيندي چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، اجلاس جي صدارت لاءِ پي ٽي آءِ جو پرزئيڊنگ آفيسر مقرر نه ٿي رهيو آهي. پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت آهي. ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو ته سينيٽ سيڪريٽريٽ آئينده پرزائيڊنگ آفيسر نامزد ڪرڻ وقت اِن ڳالهه جو خيال رکندو. حاجي هدايت الله چيو ته اسان کي پنڊيءَ ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. عرفان صديقي چيو ته اي اين پي هميشه پر امن جلسه ڪندي آهي هر جماعت کي پرامن جلسه ڪرڻ جو حق حاصل آهي، وزير اعليٰ سان ڳالهايان ٿو. ميمبرن جي ڳڻتي ۾ انهن سان گڏ آهيان. سينيٽر شيري رحمان چيو ته جيڪڏهن اسان جا ساٿي راولپنڊي ۾ جلسو ڪرڻ چاهين ٿا ته انهن کي اجازت ڏني وڃي. اسان جمهوريت پسند ماڻهو آهيون انهن کي اجازت ڏني وڃي. مسلم ليگ ن انهن کي خاطري ڪرائي. سينيٽ کي لاڳاپيل اختيارين ٻڌيو ته زينب الرٽ قانون تحت 2022ع کان 2024ع تائين 5 هزار 116 ڪيس داخل ڪيا ويا. ان ۾ هڪ هزار 274 ڪيسز جاري آهن. 3 هزار 842 بند ٿي ويا آهن. 2 هزار 717 ٻار بازياب ٿيا. 794 غلط رپورٽس به داخل ڪيون ويون.