| آءِ ايم ايف ٽيڪس هدف گهٽائڻ لاءِ گرين سنگنل نه ڏنو: مختلف تجويزن تي ڳالهيون جاري |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) معاشي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اقتصادي جائزي بابت جاري ڳالهين جي آخري ڏينهن هلندڙ مالي سال جي ٽيڪس هدف ۾ گهٽتائي لاءِ آءِ ايم ايف طرفان گرين سگنل نه ڏنو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ورچوئل گڏجاڻين ذريعي اهم معاملن تي آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏني وئي، نئين بجيٽ لاءِ ٽيڪس تجويزن ۽ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال بابت به اداري کي آگاهه ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ بابت تجويزن تي به حتمي ڳالهين جو امڪان آهي، سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ جو معاملو آءِ ايم ايف جي منظوري سان مشروط قرار ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه ڪارپوريٽ شعبي، امير طبقي ۽ ملڪيت مان حاصل ٿيندڙ آمدني تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي بابت تجويزون پڻ غور هيٺ آيون. ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف طرفان گڏيل پڌرائي جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.