آءِ ايم ايف پاران سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جا خرچ گهٽ قرار، زرعي ٽيڪس جاري رکڻ تي زور

مارچ 8, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف جي سنڌ جي اختيارين سان ملاقات، تعليم ۽ صحت شعبي ۾ ٿيندڙ خرچن کي آءِ ايم ايف تمام گهٽ خرچ قرار ڏيندي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي شعبن ۾ خرچن کي وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته آءِ ايم ايف بجلي بلن تان جي ايس ٽي ختم ڪرڻ جي تجويز به رد ڪري ڇڏي آھي، تفصيل موجب   آءِ ايم ايف سان سنڌ جي ناڻي سيڪريٽري فياض جتوئي جي سربراهي ۾ عملداران جي ملاقات ٿي، جنهن دوران مختلف مامرن جو جائزو ورتو ويو، ذريعن مطابق آءِ ايم ايف جي شرطن تحت سنڌ صوبي پاران سرپلس ڏيڻ، صوبائي ٽيڪس وصوليون ٿيڻ تي سنڌ حڪومت جي تعريف ڪئي وئي، پر آءِ ايم ايف جي ٽيم سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم تي ٿيندڙ خرچن کي تمام گهٽ قرار ڏيندي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي شعبن ۾ خرچن کي وڌائڻ جي گهر ڪئي، ذريعن مطابق سنڌ جي عملدارن موقف اختيار ڪيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن لاءِ بجيٽ ۾ مناسب رقم رکيل آھي پر مختلف سببن ڪري اها رقم خرچ نه ٿي. ذريعن مطابق سنڌ جي عملدارن آءِ ايم ايف کي سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرز پاران آءِ ايم ايف جي چوڻ تي زرعي ٽيڪس لڳائڻ بابت ڪيل تحفظاتن کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي شرط سبب تحفظاتن باوجود زرعي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آھي، آءِ ايم ايف ٽيم کي اهو به ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين چهن مهينن ۾ زرعي شعبي تي هڪ ۽ آخري ڇهن مهينن دوران زرعي شعبي کان ٻئي ٽيڪس نظام سبب وصوليون ڪرڻ سبب مشڪلاتون اينديون، ذريعن موجب آءِ ايم ايف ٽيم زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري شرط جي حمايت ڪندي چيو ته زرعي ٽيڪس لڳائڻ سان اڳتي هلي صوبن کي فائدو ٿيندو.  آءِ ايم ايف وفد جون وفاقي حڪومت سان به ڳالهيون هلندڙ آھن، آءِ ايم ايف حڪومت کان نيب ۽ صوبائي اينٽي ڪرپشن ادارن کي بهتر بنائڻ جي گهر ڪئي ۽ سياسي بنيادن تي انتقامي ڪاررواين جي الزامن ۽ ڪمزور جاچ جهڙن مسئلن جي حل تي زور ڀريو ،  آءِ ايم ايف عوامي عهدن تي موجود عوامي عهديدارن جي احتساب کي يقيني بنائڻ ۽ غير قانوني طريقن سان دولت ٺاهڻ جي عمل کي روڪڻ لاءِ به قدم کڻڻ تي زور ڀريو، ذريعن مطابق آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري آفيسرن جي اثاثن جا تفصيل عوام لاءِ سيپٽمبر مهيني ۾ جاري ڪيا ويندا، ان لاءِ ايف بي آر ڊجيٽل پورٽل ٺاهيندو. آءِ ايم ايف صوبائي اختيارين کي مني لارڊنگ بابت ڪيسن جي جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ انهن کي فنانشل يونٽ کان معلومات جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته آءِ ايم ايف بجلي بلن تان جي ايس ٽي ختم ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي، آءِ ايم ايف صنعتي ۽ زرعي شعبن کي سياري دوران ڏنل رليف پيڪيج کي سڄي سال تائين توسيع ڏيڻ جي اجازت کان انڪار ڪري ڇڏيو، آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته گردشي قرض جي ادائگي لاءِ ڪمرشل بينڪن کان 1250 ارب جو 10.8 سيڪڙو وياج تي قرض وٺڻ ۽ ان لاءِ معاهدو به طئي ٿي وڃڻ  جي تجويز کان آگاهه ڪيو ويو، ذريعن مطابق ايندڙ بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي سميت مختلف شعبن تي ٽيڪس شرح گهٽ ڪرڻ جي تجويزن تي به آءِ ايم ايف ۽ حڪومتي ٽيمن وچ ۾ ڳالھه ٻولھه ٿي، ايف بي آر آءِ ايم ايف کي، ريئل اسٽيٽ، تماڪو، مشروبات شعبن کي اپريل کان جون تائين ايندڙ ٽن مهينن ۾ ٽيڪس شرح ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي، جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس شرح گهٽتائي جي تجويز به پيش ڪئي وئي، آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته ريٽيل سميت مختلف شعبن کان 250 ارب رپين جي ٽيڪس وصولي جو هدف پورو ڪرڻ لاءِ تاجر دوست اسڪيم تحت اهو هدف پورو ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف ان تجويزن تي پنهنجي راءِ بعد ۾ ڏيڻ کان آگاهه ڪيو آھي.

 

Leave A Comment