| آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 1 ارب 29 ڪروڙ ڊالر جو قرض منظور ڪري ورتو |
واشنگٽن(م ڊ) آءِ ايم ايف 1 ارب 29 ڪروڙ ڊالر جي قسط منظور ڪري ورتي آهي. آءِ ايم ايف بور ڊپاڪستان لاءِ 1 ارب 29 ڪروڙ ڊالر قسط جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ ايم ايف جو پاڪستان بابت اجلاس واشنگٽن ۾ ٿيو، جنهن ۾ اها منظوري ڏني وئي. پاڪستان کي قرض پروگرام تحت اها رقم جاري ڪئي ويندي. پاڪستان قرض پروگرام سيپٽمبر 2024 ۾حاصل ڪيو هو، پهرين قسط سيپٽمبر 2024ع ۽ ٻي قسط مئي 2025 ۾ جاري ٿي. اها رقم پاڪستان ۾ مختلف پراجيڪٽس تي خرچ ڪرڻ جي مد ۾ منظور ڪئي وئي آهي. جنهن جا تفصيل بعد ۾ جاري ڪيا ويندا. هڪ ارب ڊالر کان ڪجهه وڌيڪ رقم قرض جي قسط جي مد ۾ ملندا، جڏهن ته 20 ڪروڙ ڊالر پاڪستان کي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف پراجيڪٽس تي خرچ ڪرڻ لاءِ ڏني وئي آهي. خانگي ٽي وي چينل موجب منظوري ملڻ کان پوءِ پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ ڄاڻايل رقم منتقل ٿي ويندي. خانگي ٽي وي چينل موجب آءِ ايم ايف جي جائزه مشن جي رورٽ بعد آءِ ايم ايف جي بورڊ پاڪستان ڄاڻايل رقم جي منظوري ڏني آهي.