آءِ ايم ايف ڊيل: چين هڪ ارب ڊالر ڏئي ڇڏيا،پرڏيهي ناڻي ذخيرن ۾ واڌ

جُون 16, 2023

 ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) آءِ ايم ايف ڊيل: چين هڪ ارب ڊالر پاڪستان کي ڏئي ڇڏيا، جيڪي اسٽيٽ بينڪ کي منتقل ڪيا ويا،

 ناڻي واري وزارت موجب اسان هڪ هفتو اڳ چين کي هڪ ارب ڊالرن جي ادائگي ڪئي هئي، چين اهي هڪ ارب ڊالر ڪمرشل قرض طور اسان کي  ڏنا آهن، اهي پئسا ملڻ بعد اسانجي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي ويندو،

 واضح رهي ته آءِ ايم ايف  نائين جائزي کان اڳ دوست ملڪن کان 2 ارب ڊالر وٺڻ جو شرط رکيو هو ، جنهن مان هڪ ارب ڊالر پاڪستان پهچي ويا

لاڳاپيل پوسٽون

  • ندا ياسر جي بنا ميڪ اپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت