آءِ بي اي جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر جو موت ڪمري ۾ گيس ڀرجڻ سبب ٿيو: ڀيڻ پاران تصديق

ڊسمبر 31, 2024

سکر (بيورو  رپورٽ) آءِ بي اي سکر جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر جو گهر مان لاش ملڻ وارو معاملو، بيهوش ٻن ڀينرن مان هڪ کي هوش ۾ اچي وئي، پوليس وٽ بيان رڪارڊ، سندس چوڻ آهي ته رات جو هيٽر ۽ ڪوئلا ٻاريا هئا، گيس ڪهڙي وقت ڀرجي وئي خبر ئي نه پئي، هوش ۾ آيس تي اسپتال ۾ هئس، رات جو تڪا، چانور ۽ پٽاٽا پچايا هئا، تفصيل موجب آءِ بي اي يونيورسٽي جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر امتحانات اشتياق ميمڻ جو ٻه ڏينهن اڳ نيو سکر سٽي واري گهر مان لاش هٿ آيو هو ۽ سندس ٻه ڀينرون فائزهه ۽ ذريعت عرف عليزهه بيهوشي واري حالت ۾ مليون هيون، فوتيءَ جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مديجي ۾ اشتياق ميمڻ جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، فوتي آءِ بي اي سکر جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر اشتياق ميمڻ جي ڀيڻ فائزهه ميمڻ پوليس وٽ بيان رڪارڊ ڪرائي ورتو آهي، جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته رات جو پهريان هيٽر هلايو، جنهن بعد ڪوئلن کي به ٻاريو، گيس ڪمري ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙي وقت ڀرجي وئي، مون کي ڪا خبر نه پئي، هوش آيو ته اسپتال ۾ هئس، پوليس وٽ ڏنل بيان ۾ فائزهه ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته رات جو تڪا، گهر جا چاور ۽ پٽاٽا کاڌا هئا، اسان ٻنهي ڀينرن ۽ ڀاءُ اشتياق هڪ ئي ڪمري ۾ سُتل هئاسين ۽ سکر ۾ ٽئي اڪيلا رهندا هئاسين، هوڏانهن سول اسپتال سکر جي ڊاڪٽر مطابق فوتي اشتياق ميمڻ جي هڪ ڀيڻ نيم بيهوشي واري حالت ۾ آهي، جيڪا في الحال ڳالهائڻ جي قابل ناهي، جڏهن ته ٻئي ڀيڻ آءِ سي يو ۾ علاج هيٺ آهي، فوتي آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي آفيسر اشتياق ميمڻ جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿي ويو آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ رپورٽ اچي ويندي، سول اسپتال جي ذريعن موجب ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق اشتياق ميمڻ جي جسم تي ڪو به تشدد جو نشان نه هو، پوليس ذريعن موجب ابتدائي جاچ مطابق اشتياق ميمڻ منڊي ٽانڊن مان ملي هئي، ڪمري ۾ هيٽر هلي رهيو هو ۽ ٽانڊن سان ڀريل تغاري به پيل هئي.

Leave A Comment