سکر(رپورٽ فاروق سومرو)آءِ بي اي سکر جي وائيس چانسلر ۽ اھم عھدن تي ويٺلن ۾ شديد اختلاف سامهون اچي ويا، ٻن ايڇ او ڊيز ۽ چئن ڊائريڪٽرز استيفيٰ ڏئي ڇڏي
ذريعن موجب آءِ بي اي سکر جي وائيس چانسلر پروفيسر آصف شيخ ۽ اهم عهدن تي ويٺل آفيسرن ۾ سرد جنگ تيز ٿي وئي آهي، جنهن بعد ٻن ايڇ او ڊيز ۽ 4 ڊائريڪٽرز پنهنجون استعيفائون وي سي کي اماڻي ڇڏيون ۽ وي سي اهي استعيفيٰاستعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن
استعيفائون ڏيندڙن ۾ آءِ بي اي جا سينيئر ترين پروفيسرز شامل آهن جن ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن شعبي جي ھيڊ پروفيسر ڊاڪٽر منظور ميراڻي به شامل آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمپيوٽر سائنس شعبي جي ھيڊڊاڪٽر جاويد شاھاڻي به استعيفي جمع ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پرويز ميمڻ، ڊاڪٽر سرفراز ڊکڻ، پروفيسر ثمر رضا به استعيفائون ڏيندڙن ۾ شامل آهن
استعيفائون ڏيندڙن الزام هنيو آهي ته موجودا وائيس چانسلر اڳوڻي وائيس چانسلر سان ويجھو رھندڙ کي ھٽائي پنھنجا ماڻھو آڻڻ چاھي ٿيو
پروفيسر ڊاڪٽر منظور ميراڻي توڙي جاويد شاھاڻي آءِ بي اي سکر جي باني نثار صديقي جي ٽيم جو حصو رھيا، ٻنھي سينيئر پروفيسرز ھڪ وڏو عرصو آءِ بي اي سکر يونيورسٽيءَ کي ڏنو آھي
ذريعن موجب وائيس چانسلر آصف شيخ جي پاليسين سان مبينا اختلافن سبب ھنن عھدن تان استعيفائون ڏنيون آھن
ٻئي طرف آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايڇ او ڊيز توڙي ڊائريڪٽرز وٽ اضافي چارجز ھيون، جن پنھنجي مرضيءَ سان عھدا ڇڏا آھن
سندس چوڻ هو ته اضافي عھدا ڇڏيندڙ ھن وقت به آءِ بي اي جو حصو آھن، جيڪي پروفيسر طور پنھنجو فرض سرانجام ڏئي رھيا آھن، وائيس چانسلر ۽ انتظامي عملي ۾ اختلافن وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناھي