آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس اميدوارن لاءِ عمر ۾5 کان 15سال ڇوٽ جو اعلان

آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس اميدوارن لاءِ عمر ۾5 کان 15سال ڇوٽ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت آءِ بي اي سکر جي ايس ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن لاءِ عمر ۾ رعايت جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان ايس ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن لاءِ عمر جي حساب جو نئون فارمولو جاري ڪيو ويو آهي، نئين فارمولا موجب ته گريجوئيٽ اميدوارن جي پهرين فيز لاءِ عمر ۾ 15 سالن جي رعايت منظور ڪئي وئي آهي، ساڳئي ريت انٽرميڊيئٽ ۽ ميٽرڪ جي فيز ون جي  اميدوارن لاءِ به عمر ۾15 سال ڇوٽ ڏني وئي آهي، عمر جو حساب اپلائي ڪرڻ جي آخري تاريخ مطابق ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻئي فيز جي گريجوئيٽ اميدوارن لاءِ 5 سالن جي عمر ۾ رعايت ۽ عمر جو حساب 12 مئي 2025 مطابق ھوندو، جڏهن ته ٻئي فيز جي انٽرميڊيئٽ اميدوارن لاءِ عمر جو حساب 21 نومبر 2025 مطابق ھوندو، کين 5سال رعايت ملندي،