سکر (بيورو رپورٽ) آءِ بي اي يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 12ھون اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ جي صدارت ھيٺ ٿيو.
اجلاس ۾ اداري جي تعليمي معيار کي بھتر بڻائڻ، داخلا پاليسي ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. نصاب تي ھائير ايجوڪيشن جي معيار مطابق نظرثاني ڪئي وئي.
اجلاس ۾ شاگردن جي ميرٽ جي حوالي سان پڻ تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.