آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل: هاءِ ڪورٽ پاران ڌريون طلب

آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل: هاءِ ڪورٽ پاران ڌريون طلب

سکر (بيورو رپورٽ) آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل  واري ڪيس ۾ سکر جي عدالت آئي بي اي سکر سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 26 جنوري تي پيش ٿي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آئي بي اي سکر بختاور سومرو کي 500 ملين روپين جي حرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرايو هو جيڪو بختاور سومرو جي حق ۽ فيصلو ڏنو هو. جنهن کي آئي بي اي سکر پاران عدالتي فيصلي کي سنڌ هاء ڪورٽ ڪورٽ سکر ۾ چئلينج ڪيو ويو هو. سنڌ هاء ڪورٽ ڪورٽ سکر بينچ ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن دوران بختاور سومرو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. بختاور سومرو مطابق وڊيو اسڪينڊل کي 5 سال ٿي ويا آهن. 2021 ۾ 50 ڪروڙ جو حرجاڻي جو ڪيس داخل ٿيو هيو. جنهن جو فيصلو منهجي حق ۾ آيو. 2024 ۾ عدالتي فيصلي کي هاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. اپيل هلائڻ بجاء بار بار عدالت کان ٽائيم ورتو پيو وڃي. عدالت آئي بي اي سکر ۾ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 26 جنوري تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.