آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوار نظر انداز: عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي پاران گريڊ هڪ کان 15 تائين ڀرتين لاءِ انٽرويو جو شيڊيول جاري

آگسٽ 4, 2023

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ  جي مختلف کاتن ۾ گريڊ ھڪ کان 15 تائين جي پوسٽن تي ڀرتين لاءِ  آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي نظرانداز ڪري ڇڏيو

عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي ۾ خالي پيل جاين تي ڀرتين لاءِ کاتو پاڻ ٽيسٽ وٺندو، انٽرويو جو شيڊيول جاري ڪري اميدوارن کان انٽرويوز لاءِ کاتي جي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو

جاري ڪيل ٻن الڳ الڳ نوٽيفڪيشنز  ذريعي کاتي ۾ گريڊ 11 جي جونيئر ڪلارڪ ۽ 14 ھين جي سينيئر ڪلارڪ ۽ اسٽينو گرافر جي خالي پيل جاين تي ڀرتين لاءِ انٽرويو  وٺندڙ آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو

 اسٽينو گرافر جي لاءِ سڀاڻي 5 آگسٽ تي ڊي ڪيئر سينٽر ۾ انٽرويو ورتا ويندا،  انٽرويو وٺندڙ کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري  حفيظ الرحمان چنا ۽ سيڪشن آفيسر محمد عارب ميمڻ ھوندا

سينيئر ڪلارڪ جي انٽرويو لاءِ ڊويزن سطح تي آفيسر مقرر ڪيا ويا حيدرآباد جي دارالامان ۾ دارالامان جي ڊپثي ڊائريڪٽر خالدا سومرو ۽ دارالامان سکر ۾ سينئر ڪلارڪ جي ڀرتي لاءِ وومين ڪمپليڪس سکر ۾ دارالامان سکر جي ڊائريڪٽر  شميم آرا کي اميدوارن کان انثرويوز لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي

 ساڳئي وقت کاتي ۾ گريڊ 11 جي جونيئر ڪلارڪ جي ڀرتي لاءِ ڪراچي ڊويزن جي 7 ضلعن جي اميدوارن کان انٽرويو وومين ڊيولپمينٽ کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ  ۾ ورتا ويندا  ۽ انٽرويو لاءِ صرف ھڪ ئي آفيسر کاتي جي ڊائريڪٽر  محمد علي شيخ کي مقرر ڪيو ويو آھي

حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن جي اميدوارن کان انٽرويو لاءِ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر  عاشق حسين ڪلھوڙو ۽ ڊسٽرڪٽ وومين ڊيولمپنٽ آفيسر نديم کھڙو کي مقرر ڪيو ويو آهي

سکر ڊويزن جي اميدوارن کان انٽرويو لاءِ ڊپٽي سيڪريٽري  حفيظ الرحمان چنا ۽ عبدالغفار ٿھيم کي مقرر ڪيو ويو آهي، ميرپورخاص ڊويزن جي اميدوارن کان خالدا سومرو ۽ طارق وحيد بلوچ  انٽرويو وٺندا

لاڙڪاڻي ڊويزن لاءِ شميم آرا ۽ طاھر ڪوريجو مقرر ٿيل آھن ، اھڙي ريت شھيد بينظير آباد ڊويزن جي اميدوارن کان انٽرويو لاءِ نسيم مستوئي ۽ زيب النساءَ کي مقرر ڪيو ويو آهي

جونيئر ڪلارڪ لاءِ اميدوارن کان انٽرويو 7 آگسٽ تي ورتاويندا، ھوڏانھن عورتـن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي جي اھڙي عمل سبب آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن ۾ سخت مايوسي پکڙيل آھي

Leave A Comment