اجلاس ۾ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ پلاٽ فراهم نه ڪرڻ جي مامري تي غور ڪيو ويو، سينيٽ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي نمائندي چيو ته هاڻي 3385 ميمبر آهن، انهن مان 569 جي قريب کي پلاٽن جا نمبر ڏنا ويا آهن،
2 سئو جي لڳ ڀڳ پارليامينٽ جا ميمبر به ميمبر آهن، هن ئي مهيني پلاٽن جو قبضو ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، قومي اسيمبلي جي ميمبر عاليه ڪامران چيو ته گذريل سال ڊسمبر ۾ پلاٽ ڏيڻ جو چيو ويو هو پر اڄ تائين ملي نه سگهيا آهن،
رميش لال چيو ته سينيٽ ڪوآپريٽو هائوسنگ ڪاميٽي وٽ ايتري زمين نه آهي جيترا هي پيسا وٺي چڪا آهن، ڊي سي عرفان الاهي چيو ته 11 هائوسنگ سوسائٽين وٽ پلان نه هجڻ سبب پابندي لڳائي وئي آهي، اسٽينڊنگ ڪاميٽي ميمبرن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن جا تفصيل طلب ڪري ورتا،
ڪاميٽي جي چيئرمين رانا قاسم نون چيو ته هي ڪهڙي مذاق آهي جو ادارن جي نالي تي هائوسنگ سوسائٽيون ٺهي رهيون آهن، آءِ بي جهڙي انٽيليجنس ايجنسي به هائوسنگ سوسائٽي هلائي رهي آهي.