آءِ جي سنڌ وڏيرن آڏو هٿ ٻڌي بيهي ته ڌاڙيل ڪيئن ختم ٿيندا ؟ سوشل ميڊيا تي بحث
جُولاءِ 2, 2023
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صوبائي وزير آڏو هٿ ٻڌي بيهڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن بعد مٿس تنقيد ٿي رهي آهي
پ پ جو صوبائي وزير شبير بجاراڻي جي ايس ايس پي آفيس ڪشمور آمد دوران آءِ جي سنڌ غلام نبي بجاراڻي هٿ ٻڌي بيٺل نظر اچي رهيو آهي، اهڙي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي
آءِ جي سنڌ جي تصوير وائرل ٿيڻ بعد نه رڳو آءِ جي سنڌ مٿان تنقيد ٿي رهي آهي پر هڪ نئون بحث به شروع ٿي ويو آهي ته ڇا اهڙي صورتحال هجي ته پوءِ امن ٿي سگهندو، ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيئن ٿيندو
دلبر علي به تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته هَٿ ٻَڌي انتظار ڪندڙ هي جوڌو اسانجو آءِ جي صاحب آهي، سَلام اٿس نياز نوڙت ۾ اهڙو ڪپتان وَري نه ملندو، ڪنهن وڏيري جي انتظار ۾ آهي اُنهن کان پهريان اجازت وٺي منٿ ميڙ ڪندو پوءِ ڪچي آپريشن لاءِ سوچيندو، جنهن تي پرويز علي باجڪاڻي لکيو ته پوءِ ڀلا اجايو پيٽرول ساڙڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئس جو ڪنڌڪوٽ اچي اھي حوال ڪيائين، ڪراچي ۾ ويھي اھو بيان جاري ڪري ھا، سمون خان ڏاهاڻي، خورشيد احمد، آر بي ملڪ به ردعمل ڏنو
عمران کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ايس ايس پي عرفان سمون کي مڪمل طور فري هينڊ آهي، ايترا ته اسان پاڻ به فري هينڊ نه هئاسين جنهن تي نعمت الله خان لکيو ته آءِ جي سنڌ رسمي ڳالهيون ڪرڻ بعد موٽي ويو، چيائين ته فوجي آپريشن نه ٿيندو، پوليس پاڻ ڏوھارين سان وڙھندي، اچو ته هاڻي سڀ گڏجي ٽائيم سان ڪشمور ضلعي کي الوداع ڪري ٽپڙ گول ڪريون بقايا نه کڻجي وڃون، محمد اڪرم لکيو ته اسان جي وڏيرن طئي ڪيو آهي ته فوجي آپريشن نه ٿيندو پوءِ آءِ جي ڪير ٿيندو آهي آپريشن ڪرڻ وارو، وفا امجد لکيو ته ڪچي ۾ فوجي آپريشن نه ٿيندو نه ئي ڌاڙيل ختم ڪنداسين اسان جا پنهنجا مفاد آهن اليڪشن ويجهو آهي، اليڪشن به کٽڻي آهي رڳو عوام عزيز ناهي، ڌاڙيل به پنهنجا آهن، ڪشمور جي چونڊيل نمائندن جي اهڙي سوچ آهي، شفاءُالله شفا لکيو ته عرفان سمون کي هاڻي ڏوهارين توڙي سهولتڪارن کي رسو وجهي امن قائم ڪرائڻ گهرجي، نادر کوسو لکيو ته ھاڻي ايس ايس پي عرفان سمون کي گھرجي ته پنھنجي مڪمل گرفت مضبوط ڪري ڪچي توڙي پڪي جي ڏوھارين کي لغام ڏئي جئين ضلعي جو عوام سک جو ساھ کڻي. ايڊووڪيٽ حسين بخش چولياڻي، شعيب خان بهراڻي به ردعمل ڏنو
سنڌو نواز گهانگهرو تصوير شيئر ڪندي لکيو ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي وڏيرن سامهون حيثيت نظر اچي رهي آهي، هاڻي سمجهه ۾ آيو ته سنڌ جا ٿاڻا وڏيرن جون اوطاقون ڇو بڻيل آهن، ان کي چوندا آهن فرمانبرداري، جنهن تي ساحل جوڳي لکيو ته هي ذهني غلامي آهي، ملڪ عليم لکيو ته انهن وڏيرن کي مٿي تي چاڙهي رکيو آهي
آء جی سندھ غلام نبی میمن کی وڈیروں کہ سامنے اوقات صاف نظر آتی ہے۔ اب سمجھ آیا کہ سندھ کہ تھانے وڈیروں کی اوطاقیں کیوں بنے ہوئے ہیں ۔ اسے کہتے ہیں فرمانبرداری@IGSindh @sindhpolicedmc8 pic.twitter.com/SGSg90kCFc
— Sindhoo Nawaz Ghanghro (@SindhooNawaz) July 1, 2023
لياقت علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ هندو واپاري آءِ جي سنڌ کي روئي ڌاڙيلن جي ظلم جو داستان ٻڌائيندي چيو ته اسان جي 50 هزار پگهار آهي ڌاڙيلن کي ڀتو ڏيون يا گهر هلايون؟ ٻئي طرف سنڌ پوليس جو ڪمانڊر آءِ جي سنڌ جي حضوري ۾ مصروف آهي، امن ايئن قائم ٿيندو؟ آءِ جي سنڌ هٿ ٻڌي بيٺل آهي ۽ ڊي آءِ جي سکر هن شخص جي پويان آهي
کندھ کوٹ: ہندو تاجر نے آئی جی سندھ کو رو رو کر ڈاکوؤں کی زیادتیوں کی داستان سنادی
کندھ کوٹ: ہماری 50ھزار تنخوا ہے ڈاکوؤں کو بہتہ دیں یا گھر چلائیں؟
دوسری جانب سندھ پولیس کا کمانڈر آئی جی سندھ جی حضوری میں مصروف، امن ایسے قائم ہوگا؟#Sindhi pic.twitter.com/PLXWcGBSRT
— Liaquat Ali | لياقت علي ملڪ | (@Liaquatmalick) July 1, 2023
ماهنور شيخ تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته پوليس ٻه ٽي سئو وڏن ماڻھن جي خاندانن جي دولت ۽ جان و مال جي حفاظت جي لاءِ آھي، جيڪڏھن عوام سمجھي ٿو ته پوليس سندن حفاظت جي لاءِ آھي ته اھي يقينن غلط فھمي جو شڪار آھن
پوليس ٻه ٽي سئو وڏن ماڻھن جي خاندانن جي دولت ۽ جان و مال جي حفاظت جي لاء آھي.
جيڪڏھن عوام سمجھي ٿو تہ پوليس سندن حفاظت جي لاء آھي تہ اھي يقينن غلط فھميء جو شڪار آھن. pic.twitter.com/xqbelPOlTO— Mahnoor Sheikh (@Mahnoor8414) July 1, 2023