پني عاقل ۾ شهيد اهلڪار علي گوهر دايو جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته ڪچي جي ماڻهن کي به ٺڪري پهري تي راضي ڪري عام ماڻهن جي مدد لاءِ قائل ڪريون پيا
غلام نبي ميمڻ چيو ته ڌاڙيلن سان مقابلي لاءِ هٿيارن جي حوالي سان پنهنجي فورس کي اپڊيٽ ڪريون پيا، جديد هٿيارن جي خريداري لاءِ حڪومت کي لکيو آهي
هن چيو ته هر بڪتربند گاڏي پنهنجي معيار موجب حملي جي برداشت جي سگهه رکي ٿي، ڳرن هٿيارن سان حملو هر گاڏي برداشت ڪري اها سوچ غلط آهي
آءِ جي سنڌ چيو ته اسان جديد بڪتر بند آنديون آهن، وڌيڪ بهتري لاءِ ڪوششان آهيون، هن سنڌ صحافين جي وفد کي يقين ڏياريو ته پنوعاقل ۾ صحافين کي اغوا ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنهن کي به گهرن ۾ گهڙي ماڻهو اغوا ڪرڻ جي اجازت نه ڏبي،اهڙو واقعو ٿيو آهي،تڏهن ئي ڪيس داخل ٿيا آهن