| آءِ جي غلام نبي ميمڻ اڄ رٽائر: جاويد اوڍو سرفهرست |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جو آءِ جي غلام نبي ميمڻ اڄ رٽائرڊ ٿيندو، نئين آءِ جي لاءِ جاويد عالم اوڍو جو نالو سرفهرست، ڊوڙ ۾ امير شيخ به شامل، سنڌ حڪومت طرفان اڄ وفاق کي سمري موڪلڻ جا امڪان آهن. ذريعن موجب نئين آءِ جي سنڌ لاءِ جاويد عالم اوڍو مضبوط اميدوار آهي، جاويد عالم اوڍو جي نالي تي وفاق ۽ سنڌ حڪومتن ۾ اتفاق آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان اڄ وفاق کي ٽن نالن تي مشتمل سمري اماڻي ويندي، جنهن بعد اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ٽنهي نالن مان ڪنهن هڪ کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. ذريعن موجب فهرست ۾ امير شيخ جو نالو به شامل آهي، پهرين نمبر تي نالو جاويد عالم اوڍو جو آهي. واضح رهي ته امير شيخ به ڪراچي جو ايڊيشنل آءِ جي رهي چڪو آهي. جاويد عالم اوڍو جي آئي جي ٿيڻ جي صورت ۾ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان تنولي، اقبال دارا، شرجيل کرل مان ڪنهن هڪ کي ايڊيشنل آءَ جي ڪراچي مقرر ڪيو ويندو. ذريعن موجب ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي لاءِ آزاد خان مضبوط اميدوار آهي