| آءِ جي غلام نبي ميمڻ 31 ڊسمبر تي رٽائر ٿيندو: جاويد اوڍوسوڌو 5 اميدوار پاران لابنگ شروع |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جو آءِ جي غلام نبي ميمڻ 31 ڊسمبر تي رٽائر ٿيندو، سينيئر پوليس آفيسرن آءِ جي جي ڪرسي ماڻڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا، جاويد عالم اوڍو ۽ آزاد خان ڊوڙ ۾ سرفهرست، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ 60سالن جي ڄمار تي پهچڻ سبب 31 ڊسمبر تي رٽائرڊ ٿيندو، نون آءَ جي ٿيڻ لاءِ سينيئر آفيسرن لابنگ شروع ڪري ڇڏي. ذريعن موجب ايڊيشنل آءَ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو هن وقت تائين مضبوط اميدوار آهي جڏهن ته ٻئي نمبر تي ايڊيشنل آءِ جي (سي ٽي ڊي) آزاد خان آهي. ذريعن موجب آءِ جي سنڌ جي عهدي واري ڊوڙ ۾ امير شيخ، عبدالخالق شيخ ۽ راجا رفعت مختار به شامل آهن، راجا رفعت مختار نگران دور ۾ آءِ جي سنڌ رهي چڪو آهي. ذريعن موجب پ پ قيادت توڙي سنڌ سرڪار وٽ عبدالخالق شيخ ۽ امير شيخ جي مقابلي ۾ جاويد عالم اوڍو ۽ آزاد خان وڌيڪ فيورٽ آهن، هن وقت تائين اهي ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ مضبوط اميدوار سمجهيا پيا وڃن . ذريعن موجب جاويد عالم اوڍو کي سنڌ سرڪار گرين سگنل به ڏئي چڪي آهي. هوڏانهن نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري ۾ هڪ مهينو هجڻ باوجود صحافتي ۽ سياسي حلقن ۾ اهو بحث هلي رهيو آهي ته ڇا ماضي وانگر هن ڀيري به سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ۾ آءِ جي سنڌ جي مقرري تان اختلاف پيدا ٿي سگهن ٿا؟ بظاهر ته پ پ وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي صدر، ٻن صوبن جا گورنرز ۽ سينيٽ چيئرمين جهڙا آئيني عهدا پ پ وٽ آهن پر تازو نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي پنجاب ۽ سنڌ جي قيادت توڙي ٻنهي صوبائي حڪومتن جا نمائندا هڪٻئي تي تنقيد ڪري چڪا آهن، انهي لاءِ اهي خدشا موجود آهن ته هن ڀيري به آءِ جي سنڌ واري معاملي تي اختلاف ٿي سگهن ٿا.