لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) آءِ جي پنجاب کي گاريون ڏيندڙ ۽ صحافي کي ٺونشا هڻندڙ پوليس اهلڪار کي مينٽل اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو
پوليس اهلڪار پاران گارگند ڪرڻ ۽ صحافي تي تشدد ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد آءِ جي پنجاب تائين پهچي وئي
آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو آهي ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ پوليس ڪانسٽيبل شاهد نفسياتي بيماريءَ جو شڪار آهي، پوليس ڪانسٽيبل 8 سال اڳ ٽريفڪ حادثي کانپوءِ نفسياتي مرض ۾ ورتل آهي
آءِ جي پنجاب چيو آهي ته پوليس ڪانسٽيبل جو علاج ڪرايو ويندو، نفسياتي علاج ڪرائڻ جو مطلب ڪنهن کي بيروزگار ڪرڻ نه آهي