ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نگران وڏي وزير مقبول باقر ٿاڻي تان ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن جي اغوا واري واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي کي شڪارپور ۾ ويهي ٽن ڏينهن اندر مغوي اهلڪار بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا سان فون تي رابطو ڪري ٿاڻي تان ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن جي اغوا واري واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار اغوا ٿين ته پوءِ عوام جو الله ئي حافظ آهي
سندس چوڻ هو ته هتي جهنگ جو قانون هلي رهيو آهي يا پوليس سُتل آهي؟ ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جيز گهرن ۾ ويهي پوليسنگ ڪن ٿا، اهڙن پوليس آفيسرز جي ڪا ضرورت ناهي
نگران وڏي وزير چيو ته ايس ايڇ او ۽ ٻيا مغوي ٽن ڏينهن اندر بازياب نه ٿيا ته ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي خلاف ڪارروائي ٿيندي، اهڙا واقعا برداشت نه ڪيا ويندا
نگران وڏي وزير آءِ جي کي شڪارپور ۾ ويهي ٽن ڏينهن اندر مغوي اهلڪار بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان وضاحت پڻ طلب ڪئي