| آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ لاءِ ميچ آفيشلز جي پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو |
دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ لاءِ ميچ آفيشلز جي پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مقابلن جي شفاف ۽ منصفاڻي نگراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ، ٽورنامينٽ جي شروعاتي مرحلي ۾ 17 امپائر ۽ 4 ميچ ريفري فرض سرانجام ڏيندا. اعلان ڪيل ميچ آفيشلز ۾ پاڪستان جو فيصل آفريدي شامل آهي، جيڪو بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.آءِ سي سي آفيسرن موجب سپر سڪس اسٽيج ۽ ناڪ آئوٽ مقابلن لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ايندڙ مرحلن لاءِ آفيشلز جي چونڊ ڪارڪردگي ۽ تجربي جي بنياد تي ڪئي ويندي.انڊر 19 ورلڊ ڪپ زمبابوي ۽ نميبيا ۾ کيڏيو ويندو، جتي سڄي دنيا جا نوجوان ڪرڪيٽر پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا.آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته زمبابوي ۽ نميبيا ۾ کيڏيل انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ميزباني لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ انتظام آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪا آهن. نوجوان رانديگرن سان گڏ ميچ آفيشلز جي ڪارڪردگي به هن ٽورنامينٽ جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.