| آءِ سي سي رينڪنگ: ون ڊي ۾ روهت جي بادشاهي ختم، ڊيرل مچل جو پهريون نمبر |
دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ رينڪنگ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي تجربيڪار بيٽسمين بابر اعظم ترقي ڪئي آهي جڏهن ته ڀارت جي روهت شرما کان پهرين پوزيشن کسجي وئي آهي. نيوزيلينڊ جو ڊيرل مچل پهرئين نمبر تي اچي ويو آهي. آءِ سي سي پاران جاري ڪيل تازي رينڪنگ موجب پاڪستان جي بيٽسمين بابر اعظم، بالرن ابرار احمد ۽ حارث رؤف جي رينڪنگ ۾ بهتري آئي آهي. ون ڊي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي هڪ نمبر گهٽجي ويو آهي.ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ جي ڊيرل مچل بيٽنگ ۾ ڀارت جي روهت شرما کان پهرين پوزيشن کسي ورتي آهي، جڏهن ته افغانستان جو ابراهيم زدران هڪ جڳهه هيٺ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. بابر اعظم ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي. بالرن ۾ افغانستان جو راشد خان پهرين، انگلينڊ جو آرچر ٻئي ۽ ڏکڻ آفريڪا جو مهاراج ٽئين نمبر تي آهي. پاڪستان جو ابرار احمد 11 نمبر ترقي ڪري ٽاپ 10 ۾ شامل ٿي نائين نمبر تي پهچي ويو آهي. حارث رؤف 23 هين نمبر تي پهچي ويو آهي جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي 21 هين نمبر تي هليو ويو آهي. آل رائونڊرن ۾ افغانستان جو عظمت الله عمر زئي پهرين، زمبابوي جو سڪندر رضا ٻئي ۽ افغانستان جو محمد نبي ٽئين نمبر تي آهي. ڪو به پاڪستاني آل رائونڊر ٽاپ 10 ۾ شامل ناهي. ٽي 20 ۾، هندستان جو اڀيشڪ شرما ٽاپ تي آهي جڏهن ته ڪو به پاڪستاني رانديگر ٽاپ ٽين ۾ شامل ناهي. صاحبزاده فرحان 12 هين نمبر تي آهي جڏهن ته بالنگ ۾ ابرار احمد اٺين نمبر تي آهي.