آءِ سي سي ٽورنامينٽ به سياست جو شڪار، انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ ڪپتانن هٿ نه ملايو، بنگلاديش جو ٽيم ڀارت اماڻڻ کان قطعي انڪار

آءِ سي سي ٽورنامينٽ به سياست جو شڪار، انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ ڪپتانن هٿ نه ملايو، بنگلاديش جو ٽيم ڀارت اماڻڻ کان قطعي انڪار

بلاوايو/ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) ڀارت ڪرڪيٽ کي سياست ۾ تبديل ڪرڻ جو عمل جاري رکندي هٿ نه ملائڻ واري روش آءِ سي سي جي ٽورنامينٽ ۾ کڻي آيو انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾، ڀارتي ڪپتان ٽاس دوران بنگلاديشي ڪپتان سان هٿ نه ملايو. آءِ سي سي انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ميچ ۾ ٻنهي ڪپتانن ٽاس دوران هٿ نه ملايو ۽ اهو پهريون ڀيرو هو جو اهو واقعو ڪنهن آءِ سي سي ايونٽ ۾ پيش آيو هو. هي بنگلاديش ۽ ڀارت جي وچ ۾ جاري تڪرار ۽ لڳاتار واقعن جو تسلسل هو. جڏهن ڀارت ۾ آءِ پي ايل فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز مان بنگلاديشي رانديگر مستفيض الرحمان کي ڪڍيو ويو. ٻئي طرف آءِ سي سي وفد جو پهريون ميمبر بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) سان ڳالهين لاءِ ڍاڪا پهچي ويو. بنگلاديش حڪومت پهريان ڀارتي گرو سڪسينا کي ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جيڪو وفد جو حصو هو، ۽ پوءِ پنهنجي رضامندي ظاهر ڪئي. ٻئي طرف جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ سي سي سان ڳالهيون کليل ماحول ۾ ٿيون جنهن ۾ ڀارت ٽيم اماڻڻ ۽ بنگلاديشي ٽيم جو گروپ تبديل ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. پڌرائي موجب بنگلاديش جي بورڊ پنهنجي ٽيم ڀارت نه اماڻڻ جو قطعي فيصلو ڪيو آهي جنهن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.