| آءِ سي سي پاران ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز لاءِ 12.82 ملين ڊالر قرض منظور: سريلنڪن بورڊ کي جلد نيون چونڊون ڪرائڻ جي هدايت |
ايڊنبرگ (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز لاءِ 12.82 ملين ڊالر قرض منظور ڪري ورتو، سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ کي جلد نيون چونڊون ڪرائڻ جي هدايت ڏني وئي. تفصيل موجب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي آئريلنڊ جي شهر ايڊنبرگ ۾ ٿيل سالياني اجلاس جي وڌيڪ اهم فيصلن جو اعلان ڪيو آهي، جن ۾ ماريشس کي آءِ سي سي جو 111 هون ميمبر بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ جا مالي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ 12.82 ملين آمريڪي ڊالر قرض جي پڻ منظوري ڏني وئي، جڏهن ته سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ ۽ رانديگرن کي به گڏجي معاملا ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته معطل ٿيل ڪرڪيٽ ڪئناڊا جي بحالي لاءِ شرطون مقرر ڪرڻ شامل آهن. آءِ سي سي بورڊ فرانس ڪرڪيٽ کي به ميمبرشپ جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ”آن نوٽيس“رکي ڇڏيو آهي، جڏهن ته في الحال ان خلاف وڌيڪ ڪا پابندي لاڳو ناهي ڪئي وئي. بورڊ سريلنڪا ڪرڪيٽ ۾ نئين آئين بابت ٿيندڙ اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ۽ زور ڏنو ته چونڊون جلد کان جلد ڪرايون وڃن. آءِ سي سي واضح ڪيو ته ايندڙ حڪم تائين سريلنڪا ڪرڪيٽ جا نمائندا بورڊ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندا. اجلاس دوران آءِ سي سي ٻه نيون ماتحت ڪميٽيون به قائم ڪيون، جن ۾ گورننس ريويو ڪميٽي ۽ فرنچائز ليگز ڪميٽي شامل آهن. ٻئي پاسي، آءِ سي سي واضح ڪيو ته ڪرڪيٽ ڪئناڊا جي معطلي برقرار رهندي، جڏهن ته بحالي لاءِ طئي ڪيل شرطن تي مڪمل عملدرآمد کانپوءِ ئي ان جي ميمبرشپ بحال ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.