آءِ سي سي چيئرمين پاڪستان پهچي ويو، ايشيا ڪپ، ورلڊ ڪپ ايجندا جو حصو

مَي 30, 2023

لاهور ( اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي پاڪستان جي دوري تي پهچي ويو، لاهور ايئرپورٽ تي ڇهچڻ وقت پي سي بي عملدارن آءِ سي سي سربراهه جو استقبال ڪيو، 2004 ع کانپوءِ آءِ سي سي جو 2 رڪني وفد پاڪستان آيو آهي ، آءِ سي سي چيئرمين گريگ باڪلي ۽ چيف ايگزيڪيٽو جيف ايلرڊائش کي قذافي اسٽيڊيم آندو ويو، آءِ سي سي وفد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي فنانشل ماڊل جي حوالي سان پي بي سي بي اختيارين سان ڳالهيون ڪندو، ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ان کانسواءِ وومينز ليگ جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون وينديون

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪشمور مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

  • ندا ياسر جي بنا ميڪ اپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل