ڪيلفورنيا (پنهنجي ڊيسڪ) هرسال آءِ فون جي آمد صارفين جي دلچسپي جو مرڪز هوندي آهي ان جو مقصد هوندو آهي ته پراڻي وجن جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن
هن وقت اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ايپل ڪمپني آءِ فون 15 جي امڪاني لانچنگ سان گڏ هڪ پراڻي ماڊل کي بند ڪري ڇڏيندي
ٽامز گائيڊ جي فون ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري آءِ فون 12 جي بند ٿيڻ جو وارو آهي آءِ فون 12، 3 ورهيه پراڻو آهي ۽ ايپل ڪنهن به پراڊڪٽ کي گهڻو وقت جاري ناهي رکي سگهندو
ايپل پراڻو ماڊل بند ڪرڻ کانپوءِ انهن جي سافٽ ويئر سپورٽ جاري رکندو آهي پر هڪ وقت اهڙو ايندو آهي جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿيڻ سبب مونجهارا پيدا ٿي ويندا آهن