آءِ پي ايل: اڀيشيڪ شرما تي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڳرو ڏنڊ

آءِ پي ايل: اڀيشيڪ شرما تي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڳرو ڏنڊ

دهلي (اسپورٽس ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ جي ٽيم سن رائزر حيدرآباد جي آل رائونڊر اڀيشيڪ شرما آءِ پي ايل ميچ دوران ضابطن جي ڀڃڪڙي تي پريشانين جو شڪار ٿي ويو، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب سن رائزرز حيدرآباد ۽ ڪولڪته نائٽ رائيڊرز وچ ۾ ٿيل ميچ دوران اڀيشيڪ شرما تي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ ۽ ڊي پوائنٽس کي منهن ڏيڻو پيو، اڀيشيڪ شرما آئوٽ ٿيڻ بعد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن تي ميچ فيس جو 25سيڪڙو ڏنڊ ۽ هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏني وئي. اڀيشيڪ شرما ڪيچ آئوٽ ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ اشاري ڪندي پويلين واپس ويو هو، آئوٽ ٿيڻ آن فيلڊ ريويو بعد ڪنفرم ٿيو هو

، پر هو ان فيصلي مان مطمئن نظر نه آيو.آءِ پي ايل موجب اڀيشيڪ شرما ڏوهه مڃيو ۽ ميچ ريفري جو فيصلو پڻ قبول ڪيو.