آءِ پي ايل جو مالي دٻاءُ:  ڀارتي رانديگر زخمي هجڻ باوجود کيڏڻ تي مجبور: قومي ٽيم لاءِ ڏکيائون

آءِ پي ايل جو مالي دٻاءُ:  ڀارتي رانديگر زخمي هجڻ باوجود کيڏڻ تي مجبور: قومي ٽيم لاءِ ڏکيائون

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ۾ آءِ پي ايل دوران رانديگرن تي پوندڙ دٻاءُ ۽ زخمي ٿيڻ  جي ڪري قومي ٽيم لاءِ مشڪلاتون وڌندي نظر اچي رهيون آهن. بي سي سي آءِ جي بنگلورو ۾ قائم ‘سينٽر آف ايڪسيلينس’ جي  ذريعن موجب ڪجهه رانديگر فرينچائزز ۽ مالي دٻاءُ سبب زخمي هجڻ باوجود آءِ پي ايل ۾کيڏندا رهندا آهن، جنهن سان پوءِ سندن بحالي  ۽ قومي ٽيم ۾ واپسيءَ جو عمل ڏکيو ٿي ويندو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلسل ڪرڪيٽ ۽ جسم تي وڌندڙ بار خاص طور وڏي عمر جي رانديگرن ۾ اوور يوز ۽ اسٽريس انجريز جو خطرو وڌائي ڇڏي ٿو. رانديگر آءِ پي ايل دوران تڪليف برداشت ڪري کيڏندا آهن ۽ پوءِ بحاليءَ لاءِ سينٽر آف ايڪسيلينس پهچندا آهن جتي فزيوٿراپسٽس کي سندن صحت بحال ڪرڻ جي مشڪل مرحلي جو سامنا ڪرڻو پوي ٿو. اها صورتحال اهڙي وقت ۾ سامھون آئي آهي جڏهن ڀارت سريلنڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کانپوءِ ڪيئي اهم رانديگرن کان محروم ٿي چڪو آهي. سائي سدرشن کان علاوه جسپريت بمراهه، هرشيت رانا، نتيش ڪمار ريڊي ۽ واشنگٽن سندر به زخمي هجڻ سبب دستياب ناهن. ان صورتحال فرينچائز ڪرڪيٽ ۽ قومي ٽيم جي ضرورتن وچ ۾ توازن تي نئين بحث ڇيڙي ڇڏي آهي.