| آءِ پي ايل جي برانڊ ويليو گهٽجي وئي، اڍائي ارب ڊالر گهٽتائي |
ممبئي (اسپورٽس نيوز) اسٽار رانديگرن پاران انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ڇڏڻ کانپوءِ ليگ جي برانڊ ويليو به گهٽجڻ لڳي آهي. 2025ع ۾ آءِ پي ايل جي برانڊ ويليو 20 سيڪڙو گهٽجي 12 بلين ڊالر مان 9.6 بلين ڊالر رهجي وئي آهي. ممبئي انڊينز جي برانڊ ويليو ۾ 9 سيڪڙو گهٽتائي کا پوءِ 108 ملين ڊالر،رائل چئلينجرز بئنگلورو جي 10 سيڪڙو، چنائي سپر ڪنگز 24 سيڪڙو ۽ سن رائزرز حيدرآباد جي 34 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي. راجسٿان رائلز جي برانڊ ويليو ۾ به 35 سيڪڙو گهٽتائي آئي.